Sindhi Version – Sur Yaman Kalyan
يمن ڪلياڻ
داستان پهريون
1
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛
جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛
صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي.
2
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛
تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛
تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي.
3
هَڻُ، حبيبَ! هَٿُ کڻِي، ٻَنگان لهِي ٻاڻُ؛
ماڳهِين مون مِنهُن ٿِئي، جھولِيءَ وِجھان پاڻُ؛
اِنَ پَرِساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابلو مون ٿِئي.
4
جِت حبيبَ هَڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينهن جِي؛
تِتي طبيبنِ، وِڄا وڃي وِسري.
5
هَڻِين جي حبيبَ! محبـتِي مَيا ڪري؛
پُڇان ڪينَ طبيبَ، هوند گھائَنِ سين ٿِي گھارِيان.
6
ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ ۾؛
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.
7
رهي اَچجي راتڙِي، تن واڍوڙِينِ وَٽاءَ؛
جن کي سورُ سريرَ ۾، گَھٽَ مَنجھاران گھاءَ؛
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهين ٻَڌنِ پَٽِـيُون.
8
اَڄُ پڻ ڪَنجھو ڪَنجَھ، واڍوڙَڪِيءَ مَنَهِينءَ؛
جهُ پڻ پِيـيَنِ سَنجَھ، هُو پِنِيُون هُو پَٽِيـُون.
9
سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گھايَلَ ڪيئن گھارِينِ؛
پِيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نه وارِينِ؛
پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لَئي، هَئي! هَنجُون هارِينِ؛
سَڄَڻُ جي سارِينِ، تن رويو وِهامي راتڙي.
10
سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ٿا رُنڪَن رَنجُوري؛
پِيا آهن پَٽَ ۾، مَٿِن مامُوري؛
لڳين لَنؤ، لَطِيفُ چَئي، سَدا جِي سُوري؛
پِرتِ جن پُوري، تن رويو وِهامي راتڙي.
11
آيَلِ! اُنِ نه وِسَهان، هَنجُون جي هارِينِ؛
آڻيو آبُ اََکينِ ۾، ڏي کي ڏيکارِينِ؛
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي روئن نه چون ڪِي.
وائي
وِرسِيا ويڄَ ويچارا! دِل ۾ دَردُ پِرينِ جو؛
اُٿِيو ويڄا! مَ وهو، وَڃو ڊَبَ کڻِي؛
ٻُڪي ڏيندا ٻاجَھ جي، آيا سُورَ ڌَڻي؛
آيا جيءَ جِيارا، دِل ۾ دَردُ پرِينِ جو.
داستان ٻيو
1
تَنَ طبيب نه تُون، سُڌِ نه لهين سُورَ جي؛
سانڍِ پنهنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون؛
ڪانَ گُھرجي مُون، حياتِي هوتَنِ ري.
2
ويڄنِ سين وائِيءَ پِيا، ڪِري نه ڪيائون؛
جي پَندِ پاريائُون، ته سِگھائي سَگھا ٿِيا.
3
آهي گَھڻو اَگَھنِ جو، تَرسُ طبيبنِّ؛
ڪيو وَسُ ويڄنِّ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي.
4
پاڙي ويڄَ هُئام، تان مون مُور نه پُڇيا؛
تيلاهين پيام، مورَيسرَ اَکين ۾.
5
هارِيا! تو هِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪيو؛
ڪَرِئين جي ڪِرِي، ته تون تَوانو ٿئين.
6
جي ڀائِين پِرِينءَ مِڙان، ته سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ؛
جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نه ساري راتِ؛
اُجِھي ٻُجِھي آئيا، وائي ڪَنِ نه واتِ؛
سَلي سُوريءَ چاڙهيا، بيان ڪَنِ نه باتِ؛
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳِي سَلَنِ ڪينَ ڪِي.
9
تڙي طبيبنِّ، گھايَلُ گَھران ڪَڍيو؛
چِڪيا چاڪَ چِيهُون ڪري، ڪَڙيُون مور نه ڪَنِّ؛
دوستَ جي درسنَ سين، پَئي ٺارُ ٺَپَنِّ؛
وِرِچِيو ويڄَ وَڃنِّ، آءُ ته پِريَمِ! اُبَهان.
8
وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئِي سي ٿِيا؛
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ؛
هِينئڙا! تنِين پاسِ، گھارِ ته گھايَلُ نه ٿِئين.
9
ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي! اَلا چَڱِي مَ ٿِيان!
سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.
10
هُئين ته ويڄنِ وَٽِ، تون ڪِئن جِيءَ جَڏو ٿِئين؟
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُهه نه ڪَيءِ ڊَبَڙا؟
11
ڪُٺِيس ڪُويڄَنِّ، تَنَ طبيبَ نه گڏيا؛
ڏيئي ڏنڀَ ڏَڏَنِّ، پاڻان ڏِيلُ ڏکوئِيو.
12
تَرسُ طبيبنِّ جو، جَڏَنِ ڪيو نه جاتِ؛
جو ويڄنِ جي واتِ، دارُونئان تنهن دُور ٿِيا.
13
دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪيا ويڄَ مون؛
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَھ جِي، نِهاري ناڙُون؛
جن جون سيڻَ لَهنِ سارُون، تن تان ڏُکندو ڏُور ٿئي.
14
اَگَھن مِڙِي اَڄُ، ڪيو سَڏُ صِحَتَ کي؛
ڏُور، ڏُکندا! ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.
وائي
اَچِي سارَ لَهيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئوُن ماري!
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوهُ مَ ڏيجِ؛
ڊَبَنِ ڀَري هَٿَڙا، دارُون، دوست! ڪَريجِ.
داستان ٽيون
1
هَيءِ هَيءِ! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبنِ جِي!
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪين ٻَري باهِ!
پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساهَ نه وِسَهو!
2
ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي!
جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون، سيخُنِ ۾ ٽيئِي!
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وهِيڻِي سَڄَڻين!
3
سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري؛
ڇِمڪِيو سو ڇوهَ مان، ڪَڙ ڪَڙ ڪانُ ڪَري؛
جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون، لنگھي پِيو پَري؛
لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻِيان، تِيرُ نه نِڪري!
4
پُڇُ پَتنگنِ کي، سندِيُون کامَڻَ خَبَرُون؛
آڻِيو وجَھنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنهنجو جي؛
جيري جنِين جي، لڳا نيزا نِينهَن جا!
5
پتنگ چائِين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجھاءِ!
پَچَڻَ گھڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
6
پَتنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ!
سَهائِيءَ سُپيرين جي، گِھڙُ ته ٿِئين گھوٽُ!
اَڃا تون اَروٽُ! کُوري خَبَر نه لهِين!
7
پَتنگن پَھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَّ؛
پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَّ؛
سندا ڳِچين ڳَچَّ، ويچارن وڃائِيا.
8
جي تَتو تَنُ تنُورَ جئن، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ؛
آڻي آڳِ اَدب جي، ٻاري جانِ جلاءِ؛
بُرقعان اندر بازيون، پنهنجو سڀ پچاءِ؛
لُڇَڻُ لنؤُ، لَطِيفُ چئي، پَڌرِ هَڏِ مَ پاءِ؛
متان لوڪ لَکاءِ، وصالان وچ پَئي!
9
اڃا تَـنُوران، ڪالهه ڪڍيائون سڄڻين؛
پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وَڌان؛
محبتين مٿان، مچُ مُورائينِ نه لهي!
10
پَچائي پَهاڻُ، جن رساڻيو رُڪَ کي؛
تنين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙيُنِ کي.
11
ڌنءُ ڌنءُ ڌَمڻَ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي؛
ٻاري مچ مَجاز جو، اوتيائون اڱارَ؛
ڌُوڌا! ٿِيُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪڻيُون ٿئي.
12
ڌُوڌا! تون نه ڌَئِين! آڳِ اوڏو نه وڃين!
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سَهِين!
اُڀو اِئن چَئِين، ته آئون آڳَڙيو آهيان!
13
سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گَھرُ لهارَ جو!
ڌَڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏينئي رُڪَ سين!
14
سَهِين جئن سانداڻ، ڌَڪن مٿي ڌَڪڙا!
وَهِ وِڃائي پاڻ، ڏي ڏَٻائون ڏُڱرين.
15
اَڄ آڳَڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي؛
پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تکيون.
16
اَڄ آڳَڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻ؛
لاهِيندا مُورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پڌرو.
17
سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين؛
تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.
وائي
جِيءُ جياريو، جِيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو؛
پِرينِ جِيءَ پَچار، سيڻن جِيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جياريو؛
اُڃيو تن عَمِيق مان، پِريُن پُوڄَ پياريو؛
مرضُ مريضن تان، اِشاري ساڻ اُتاريو؛
ڪَرَمَ ڪريمن جي مون کي، اَهُکِيءَ مان اُڪاريو؛
سنئون مُنهن ڪري، سپرين! اَئِين نرمل نورَنهاريو؛
سائلن جِئن سڏ ڪري، اَئِين طالحن کي تاريو.
داستان چوٿون
1
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اِيئَن!
ليکيا جي لِکَڻ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن؟
هُئڻ ڪيا هِيئَن، وانجيا، پَسُ! وِصال کان.
2
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ايئن ڪري!
آٽِي سي ايڪ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳري؛
دوئِي ڌار ڌري، جهُ خُلَّت خنجر آئيو.
3
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اَڌَ!
اِيَ تان، ساعر! سَڌَ، ڪَيَءِ جا قَوال سين.
4
قاتلَ ڪمائِي ڪري، وَهُ ماکي جي ڪن؛
وٽان ويهِي تن، پِيجِ ڪي پياليون.
5
هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛
پوڄَ پيارج پَنهِيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ؛
ته هَٽَ تنهنجي هنڌِ، موکي! ڪو مانُ لهي.
6
هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛
وٽِي واٽاڙئن کي، تان پياري پَرَکُ؛
سا لِکَ لهي ٿي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.
7
گَھٽَنِ ۾ گُھٽِڪَنِ، وَٽـيُون پِيَنِ وِهَ گاڏيُون؛
بَرخِيز بده ساقِي! پيار کي پِريَن؛
پِڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون مَنجھيان.
8
آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛
مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.
9
وجھج واٽاڙُئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛
ٿيندي سُڌ سڀڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ؛
پِره جا پياڪَ، جُه سي اَڱڻ آئيا.
10
جُه سي اَڱڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃ؛
سائِي ٿِيندين اُڃ، هي پِيتو! هُو آڻ ڪِي!
11
موکِي چوکِي نه ٿئي، اصل اوڇِي ذات؛
وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا تنهن ماريا.
12
مَتارا مري ويا، موکِي! تون نه مَرِين!
ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟
13
مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛
تنهنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!
16
سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ!
تِهان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي!
15
ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهن وٽِي، عادت سندين اِيَّ؛
تنين تِڪُون ڏنيون، جُنبِي منجھان جِيَّ؛
سرو تن سَبِيّ، جَن حاصل ڪيو حال کي.
16
موکِيءَ مَٺو نه گُھريا، وِهُ نه وِهاٽيا؛
سُرڪِيءَ ڪاڻ، سيَّد چئي، اُتي ٿِي آٽِيا؛
جي ڳالهين ڳَنڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بُٺيون.
20
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پَرِ ڪَلالن سين!
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ!
مَرڻان مُنهن مَ موڙ، وَٽِي ٿِي وڌِ لهي!
18
وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو؛
قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛
اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛
سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَّد چئي.
19
ڪلالنئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکِين مون هِنئان!
روئندي رات وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون!
وائي
دوسُ پيهِي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو؛
ڏِينهين پُڄاڻـؤن آڻي اسان ڪي، مولي مُحب ملايو؛
ويو وِڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ واريو؛
هو جَنهِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄ سو آيو؛
عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، اَچِي عجيبن پاڻ فَضلُ فرمايو.
داستان پنجون
1
صوفِي سالم سي ويا، جي اَڪثر سين اَڏيارَ؛
بازي بازِندنِ کي، آهي اَويسارَ؛
پِريا سين پَهڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا.
2
صوفِيءَ سيرُ سڀِن ۾، جئن رڳن ۾ ساه؛
سا نه ڪري ڳالهڙِي، جئن پويون پروڙي پساه؛
آهِس اِيُ گناه، جي ڪا ڪَري پَڌرِي.
3
ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضي ٿيا؛
صوفِي تي ٿيا، جئن ڪِينَ کنيائون پاڻ سين.
4
صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛
منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ؛
جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تنين جو واهَرُو.
5
صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئِي ورق وُجُود جو؛
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
6
صوفِي چائِين، سَڌَ ڪرين! صُوفين اِيَ نه صلاحَ؛
ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وجھ اُڇلي آڳ ۾.
7
جي ڪُلاهَ رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿِيءُ؛
وِه وٽِي هٿ ڪري، پُر پيالو پِيءُ؛
هَنڌُ تنِين جو هِيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.
8
جُسي ۾ جَبّار جو، خَفِي خِيمو کوڙ؛
جَلِّي تون زبان سين، چار ئِي پهر چور؛
فڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور؛
ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اِيُ اَمُلُ اِئائِين سَپَجي.
9
عالَم آئوُن ساڻ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪري؛
پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پکيڙيو.
10
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي رُوءِ؛
جنِين ڏٺي جُوءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪِي.
11
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي راءِ؛
ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نه پسين مَنڊيو!
12
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، روميءَ چيو آهي؛
تاڙِي جي لاهي، ته مَنجِھين مُشاهدو ٿئي.
13
ظاهر ۾ زاني، فِڪرَ منجھ فنا ٿيا؛
تنين کي تعليم جِي، ڪُڙِه اندر ڪانِي؛
حرفُ حَقّانِي، دَورُ ڪيائون دل ۾.
14
جن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سُورَ پڙهنّ؛
فِڪرَ فَرَهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنّ؛
پَنو سو پڙهنّ، جنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.
15
سا سِٽَ نه سارينِ، اَلف جنهن جي اَڳ ۾؛
ناحَقُ نهارينِ، پنا ٻيا پِرينءَ لئ.
16
سا سِٽَ ساريائون، اَلف جنهن جي اَڳ ۾؛
”لاَ مَقصُودَ فِي الدَّارَينِ“ اِن پَرِ اُتائون؛
سَڳَـرُ سوٺائُون، ٿيا رَسِيلا رحمانَ سين.
17
اَکرَ پڙهي اَڀاڳِيا! قاضِي ٿئين ڪِياءِ؟
ڀـيرِئين ۽ ڀانـئِئين، ايڏا اِئن نه آءُ!
اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پڇج عَزازِيل کي.
18
عاشق عَزازِيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙِيا؛
منجھان سِڪَ سَبِيلَ، لعنتِي لال ٿيو.
19
جو مون پڙهيو پاڻ لَئ، سبقُ سابِقُ جو؛
پهرين سُڃاتم پانهنجي، نفسَ جو نِهو؛
جِي عَرفانُ اَصَل ۾، ٿي رُوحن روزَ ڪيو؛
وري وَرَقُ پيو، گڏيم وَڍُ وصال جو.
20
پَڙهيو ٿا پڙهنَّ، ڪَڙهن ڪين قُلُوب ۾؛
پاڻان ڏوهَ چڙهنَّ، جئن وَرَقَ ورائين وِتَرا.
21
اَکر پڙه اَلف جو، وَرَقَ سڀ وسار؛
اَندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
30
جئن جئن وَرَقَ وَرائِين، تئن تئن ڏٺو ڏوهُ؛
تنهن ڪَهڻِيءَ ڪبو ڪوهُ؟ جي رهڻِيءَ رهيو نه سُپرين.
23
ڪاتِبَ! لِکِين جئن، لايو لامُ اَلف سين؛
اَسان سڄڻُ تئن، رهيو آهي روح ۾.
24
تهڙا چالِيها نه چالِيھَ، جھڙوپسڻ پرينءَ جو؛
ڪهڙي ڪاتِبَ! ڪَرِئين، مٿي پنن پِيههَ؛
جي ورقَ وارِين وِيھَ، ته اَکر اُهوئِي هيڪڙو.
25
تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجرو، ڪيم چاليها رَکُ؛
ڪوه نه پُوڄيو پُوڄئين، اَٺـئِي پهر اَلَکُ؟
تان تون پاڻُ پَرَکُ! سَڀَڪَنهن ڏانهن سامهون.
26
سَڀَڪنهن ڏانهن سامهون، ڪو هنڌ خالِي ناهِ؛
اَحَدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪانئرَ ڪبا ڪانھِ؟
مُحبُّ منجھين مَنَ مانھِ، مون اَڄاڻندِيءَ اُجِھيو.
وائي
وِسارج مَ ويڻَ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
لوٺـيُون سَهَنِ لوڪ جا، وِهاڻِيءَ ٿيون ويڻَ؛
اصل اَسارِيُنِ جا، سُتي وِيَڙا سيڻَ؛
جيڏيون! جي مان وِسَهو، ننڊ مَ هيريو نيڻَ؛
راتڙيُون جاڳن جي، سي آئُون ڪندڙي سيڻَ؛
آڌيءَ رات اُٿِي ڪري، جھل تون نِنڊان نيڻَ.
داستان ڇهون
1
دائودِي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي رنگُ؛
گھوڙِيءَ هيٺ اَيَنگُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.
2
دائودِي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي چيتُ؛
گھوڙِيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.
3
او قابِيلَ! اَکين ۾، توکي باري بانَ؛
اُڀو اَڳرايُون ڪرين، ماڳِ هڻيو مَستانَ؛
جانبَ! تون زيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين!
4
جي هو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپَر رکُ؛
منهن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چَٽڪا چَکُ؛
سورِي ڀانءِ مَ شڪُ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبَهِين.
5
جي هو پائينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپَر ڏيجِ؛
منهن ۾ معشوقن جا، جھالُو ٿي جھليجِ؛
پاهان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبَهِين.
6
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، ميان! مار مَ مون؛
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي.
7
ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏَ نه هَڻائين ٿا؛
ٿيا جي نيشانُ، ته پهرئين سان پورا هئا.
8
لورِي جِت لڳوم، اُتِ اُڀو ئِي آهيان؛
سورهُ پرين سَندوم، مانَ ٻاجھائي ٻيو هَڻي!
9
محبّت جي ميدان ۾، ڪر پَڙاڏو پَٽُ؛
سِرُ سورِيءَ، ڌَڙُ ڪُنگرين، متان ڪُڇِين ڪَٽُ!
عشق نانگ نِپَٽُ، خبر کاڌن کي پوي.
10
محبّت جي ميدان ۾، سِرَ جو ڪر مَ سانگُ؛
سورِيءَ سُپيرِين جي، چَڙهُ ته ٿئين چانگُ؛
عشق آهي نانگ، خبر کاڌَنِ کي پوي.
11
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو؛
جِيَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ؛
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇل ته اَڌ ٿئي.
وائي
عشق تمام، بره تمام، وو! مئن لُوٺي يارَ لوڪو!
سيجَ سُتي نُون جَھپَ نه آوي، نيڻين ننڊ حَرامُ؛
راتيان جاڳڻُ، صاحبُ سنڀالڻُ، اِي فقيران دا ڪامُ؛
مَتِ عقلَ دي مُنجھ گَــئِي، آيا عشق اِمامُ.
داستان ستون
1
عاشقن الله، ويروتار نه وسري؛
آهَ ڪَرِيندي ساهُ، ڪڏهن ويندو نڪري.
2
عاشق اِئن نه هُونِ، جئن تون سَڄي اَڱرين؛
وڃي در دوستن جي، رَتُ ڏِهاڻِي رُون؛
ٻِيَ پَرِ ڪَنهِين نه پوَن، ماڪُرِ محبوبنِ سين.
3
جان عاشقَ مٿي رَتُ، تان دعوىٰ ڪري مَ نِينهن جِي؛
سائو مُنهن، سُونهن گَــئِي، سِڪَڻَ اِيُّ شرط؛
نَڪِي گوڏِ گَـرَٿُ، مٿا سِرَ سؤدا ڪري.
4
اَڃا تو منجھان، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَھلِيندي گھاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين؟
5
سِڪڻُ ۽ سورِي، ٻئي اَکَرِ هيڪڙي؛
وِهڻُ واٽَڙِيُن تي، ڪارَڻُ ضرورِي؛
ٻِنهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏني رِيَ نه جُڙي.
6
جيڪِي سِڪَڻُ سِکُ، ناتَ پَسُ سِڪندئين؛
پاسي تنين مَ لِڪُ، نِينهُن نه سُڃاڻن جي.
7
عاشقَ! معشوق جِي، وٺِي ويھُ ڳَرِي؛
جِمَ وِرچي ڇَڏئِين، سَندِي دوست دَرِي!
ڏِيندا ٻُڪِي ٻاجَھ جِي، ويندءِ ٺَپَ ٺَرِي؛
اَسان تان نه سَرِي، تون ڪئن سَرِي سپرين؟
8
عاشقَ! معشوقن جو، وٺِي ويھ دُڪاڻ؛
پَـئِجِ پيش پِريُنِ جي، پَٽِيءَ وجِھي پاڻ؛
ته تون تنِين ساڻُ، سدا رهِين سُرخُرو.
9
عاشقَ! معشوق جو، وٺِي ويهج گَھٽُ؛
جِمَ وِرِچِي ڇَڏئين، موکِيءَ سندو مَٽُ؛
ڪري سِرَ جي سَٽُ، پِيِجِ ڪي پِيالـيُون.
وائي
سُپيريان جي سونهن جِي، ڳالھ ڪِينَ وڃي؛
وڃِي دَرِ دوستن جي، سُوريءَ سِرُ هَڄي؛
عاشقَ اَنگُن چڙهيا، ٻيو سَڀڪو ڀَڄي؛
پُڇِجِ پوءِ پِرِيتَڻون، پهرين سِرُ سَڄي؛
عاقِلَ ئِي اوڇُون ٿيا، ڀورو ڪِينَ ڀَڄي.
داستان اٺون
1
هَرَ هَرَ هَرائِي، وڃڻ دَرِ دوستن جي؛
پاڙي ڏانهن پِرينِ جي، اُڄُ مَ اَوائِي!
اَلڙُ ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙُن وائِي؛
لائِيندءِ، لَطِيفُ چئي، سُوران سَرهائِي؛
ڳُجھو ڳالهائِي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾.
2
سُورُ جنين کي سَريو، سَرِي تن صحتَ؛
مِٺِي مصيبت، آهي عاشقنِ کي.
3
جي پياري پاڻَ، ته ڪَرَهو ٿِي پاڻِي پِئين؛
اَڳي اِنَ نِياڻ، اَڻَ ڪوٺيو ڪونَ گِھڙي.
4
اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿئي، ڪِي پروڙي ڪونَ؛
سچِي جيهِي سونَ، منهن نه پيئِي ماڙهُوئين.
5
اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿئي، ڪيِ پروڙي ڪونَ؛
سا سُونهِين ٿئي سونَ، اَمُرُ عطا جنهن جو.
6
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُّ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين؛
جي اَوڳڻ ڪَنِئِي، اَسُونهِين! ته تون ڳُڻان ئِي ڳِنُّ؛
پاند جھليو تون پِنُّ، هن سُونهاري سَڱَ ۾.
7
نَمِي کَمِي نهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو؛
ٿِـيَئِ ساڃائو، جي اُڀِئين اِنهِيءَ پيرَ تي.
8
کَمُ! کَـمَندنِ کٽيو، هارايو هوڙَنِ؛
چکيو نه چُوندنِ، هو جو ساءُ صبرَ جو.
9
کَـمَندَڙَن گَھرِ کِين، چَوَندڙ چڱا نه ٿيا؛
ويڻَنِهُون ويڌُ پَئي، هٿِ نه اَچي ڪِين.
10
هُو چَوَنِـئِي، تون مَ چؤ، واتان ورائي؛
اََڳُ اَڳَرائِي جو ڪري، خطا سو کائي؛
پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪي.
11
ڪِنِين ڪِينَ پِرائيو، ڪِيني منجھان ڪِين؛
جي هوءِ سَٽاڻِي سِيڱ، ته زِهَ ڇِني جوکو ٿئي.
12
اَڻ چَوندَنِ مَ چؤ، چَوندَن چيو وسار؛
اَٺـئِي پهرَ اَدبَ سين، پَرِ اِهائي پارِ؛
پايو مُنهن مُونن ۾، غُربت ساڻ گذار؛
مُفتِي منجھ وهارِ، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿئين.
13
جِنِين سَندِيءَ ”ٻوڏَ“ ۾، ڀَتون ڀَتين ”جِيُ“؛
تَنَ! تنين سين پِيُ، اوڏا اوڏي پَکَڙا.
14
ويٺي جِنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي؛
سا مَجِلس ئِي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هَزارَ جو.
15
وَيٺي جِنِين وَٽُ، ڏُکَندو ڏُور ٿِئي؛
تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
وائي
يار سڄڻ جي فراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئُون مارِي!
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئِين جو هوندا، مُون جيها مُشتاقَ؛
جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آه حُسنَ جِي هاڪَ؛
سُرمو سَهِي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ؛
عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، پرين اَسانجو هميشہ آ حُسناڪُ
English Translation In Verse By: Fakir Abdul Gafoor
SUR YAMAN KALYAN
CANTO I
1
Thou art Love, thou art Healer
Thou art panacea for all pains;
Within us abide and abound O Sir
Many a foul, malign fever; Deliver us,
O Divine Dealer Of all the ills, these poor sufferers.
2
Thou art Love Thou art Healer
Thou art remedy of all ills;
Thou dost give, thou remove
What are sufferings of sa sufferer;
Medicines only make then better,
Givest thou orders, when to heal.
3
Were HE to throw at me His arrow
Taking pity on my plight;
O I’ld not to a healer go,
But live with wound al through life.
4
Who are so struck by His arrow
They whimper joyously at the sound;
But alone while in court of Love
They wrtithe, wriggle on the ground;
Do they, their own dressings
Healing themselves they’re found;
Go, have a round,
Out from these lovers, one night ye!
5
I can never beloive their word
Who’ld weep and wail for the Love;
Welling up tears in their eyes
They sell His secret to the wor’d;
Who Him, truly remember’d
They neigher blab nor blubber.
CANTO II
1
Thou art not the true healer
Who knows not where but pain find;
So preserve al your prescripts
Bury them in hole, ye purblind;
I reject life of any kind
That’s sans love, and sans Beloved.
2
Ah but, the Healer was in my neighbour-hood
I would not go to Him, request;
Then as it were, motes did infest,
Both my eyes, blinding me.
3
O you cursed healer you simply killed
Know ye not the real pain;
When I ‘ld go to him, shall complain
Sir! Thse quacks are, all without compassion.
4
O do not deal to me your trash,
I only wish that I not be well, nay;
That come HE might someday,
Caring for my condition and cure.
5
Ah thse quacks nearly killed me
And met not me, a real healer;
Hurting me they even further
Tormented my spirits even more.
CANTO III
1
Ay and ah for Him now,
Goes on, for all the time entire;
The liver is burnt in love-passion
The kidneys are sending forks of fire;
Come see me burning for Sire,
Believe you not it, bbut by sying.
2
Making the liver burn in passion
Set HE ablaze what is all within;
By each new breath, a new dart of pain
Sends HE through body blowing in;
O’tis His, a glimpse to win,
Throw I myself, out on the Fire.
3
Go and ask the candle-moths
How do they burn, on fire of love:
Why to light they bring themselves
On the flame their selves shove;
Darts which, them their drove,
Infixed were already in souls.
4
Call yourself a candle-moth!
Seek out then the Secret Fire;
Burning that has burnt up many
Burn down buring that entire;
Not to others this transpire,
Extinguish it, and knowingly.
5
Call yourself a candle-moth
Wince not back seeing blaze;
That you be a blushing groom
Enter ye its glowing gaze;
Ah but in your muddy maze,
Know you won’t, the Beauty’s kiln.
6
Who were moths made a vow,
Gathered on the Beauteous Flame;
Feeling pain flinced not
Flung themselves on Glowing Fame;
Many a one of numerous name,
Lost their necks on Loving Glory.
7
Burn who would their inner ore
And turn it into hard steel;
Those who in this Fire deal,
Know them by their numinous glow.
8
You won’t but stoke embers
And neither go near the Fire;
And what are It’s flying sparks
On body you won’t bear entire;
Yet standing self-admire,
I’m but of burning ones.
9
Burnig me HE, lets me cool
Cooling me HE, burns again
I am thus ho, ever-slain ,
By sparks of the Hammerman.
10
Today come are such smiths
Skilled are in threatment;
Purge shall my inlying taint,
Ad make manifest mattle all.
11
Iron seethes, rust sizzles
Bellows out where furious blow;
Anvils but start where,
Hammers when do come and show;
There’s today a row-de-dow
Of aspirants on Love-Fire
12
In’ave seen them ever glow
Catch up who with the whetstone;
Their arrows do not get undone,
By growing rust, of mouldering time.
CANTO IV
1
One bowl and two drinkers,
In real love this cannot be;
If both were deemed as two diffent
How can they reach single unity;
By their very duality,
They are deprived of the dispensation.
2
One bowl and two drinkers,
The Real Love, this cannot do;
O Poet! Wish but vainly you
Against the one, His hymn-singer.
3
Who turn bitters to bitter sweets
Work te venoms to honey;
Sitting with them thou only,
Drink some cups of HOLY COMMUNION.
4
Go, asperse on the way-farers
The dew of His divine house;
That come to know all about you
And is hailed abroad heavely souse;
That those, who early carouse
Come with their cups at your courtyard.
5
And true drinkers, while ‘ld they come
They ‘ll consume away all your wine;
Their thirst wakening, they’ll whine
“O we’ave drunk this, bring more and more please.
6
Ah, the true drinkers have died
Yet you don’t die O wine-dealer!
How live you, O to what manner?
Without those, the great livers.
7
Ah, but there is the brewing place
Cups, kettles and vessels;
Lose not hope in Lord’s grace
Of coming again of the divine drinkers.
8
Ah, Learnt you not their manner O soul,
How the vintners drew the wine?
How they brewing all night brine
Dried both alembics of eyes.
CANTO V
1
A sufi washed clean
What was leaf of his existence;
It was only thence,
That he was blessed with the Beautific Vision.
2
All world is deluged with “1″
It is eroding the low and high;
And we know not, seeing it nigh,
That Charmer has spread al this illusion.
3
Conned I all, what was there
In the leaf of His union;
O’t was only HE, His communion,
And not a word less than that.
4
Learning few letters, O hapless one!
How sit you on judgement upon Him?
Swell and swagger you in your knowledge
But come not near Him, the UNKNOWN One;
Ask from Arch-angel but none,
The savour of the Sip-Divine.
5
He was the only true lover
And all others me charlatans;
Having drunk deep the Satan’s
Intellect but failed and he fumbled.
6
They read and read, and read
But need not in their hearts bleed;
So increase their sins indeed,
As they turn and turn the pages.
7
As you turn and turn pages
So you learn and learn the sins;
What’ll be done to such fictions,
Where lives not He, the soul of life.
8
Only read ‘A’ fro ‘Allah’
And unread other writs and scripts;
Illuminate you inner spirits,
What many pages will you read, more and more?
9
And why scrap and scrap on papers?
Why you be wasting away your ink?
Go, get to the Runic Link,
Where from all the words were made.
10
Make your body a mosque, heart niche,
And observe not ascetic’s fasts;
And why won’t you worship and worship
All time but, Lord God of all hosts;
And conceive not in all casts
Only HE and HE, in front of you?
CANTO IV
1
O Slayer! Thou hast in thy eyes
So felt and fatal arrows;
That standing there, strikest thou
Exulting in their exact throws;
Ah, what great many woes,
You’ave wrought by Your eyes, upon us.
2
If were HE to put arrow in His bow
Bring your breast before Him, for shield;
Take His blows on your brow
May HEby His weapons wield;
Never stir back I love and yield
Were you to be his true lover.
3
Putting arrow in your bow, my loving Sir!
O do not it at me throw;
You abide in me You know,
So lest it strike You, Yourself.
4
Where His dart had first struck me
There I stand now and wait;
O my Chivalrous Friend may yet,
Strike me an other, out of His mercy.
5
His love is not a frivolent play,
As is played by spoony-mouthed lovers;
It’s what breaks and rends apart
Mind, body, spirit, in their one stay;
Send youneck on its spike away,
That pierced through, and through it be.
CANTO VII
1
Come low come high, His true lovers
Never forsake the word of ‘Allah’
Though sighing for him ‘Ah’
Their breath farsake them, one day.
2
And they’re ot like this
As thou art, whole-some limbed;
They daily to their Friend’s go
At His door blood-tears shed;
And in no oter wa are quieted
But by Him, the Love Himself.
3
To long for him and hang from gallows
Are the words of one community;
To stand upon the wasy waiting
For the both, is but necessary;
They can’t carried out be,
Except but by giving one’s head.
4
But you! Still on your skin
At touch of grass-blade, blood spurts out;
So how’ll you take blows on brow
That HE gies in the love-bout;
So wherefore wish you about,
For Dear Dreaded One, and for His love?
5
Go to now, sit lover! On his lane
Out where thy Beloved be;
Leave not wearied ever window
Where doth but show HE;
Handover HE ‘ld handful of grace,
And you’ll all sated be;
Without Him can’t carry we
So how could HE, but without us?
6
Sit therefore lover! At gate of palace
Where doth reside HE;
Come HE shall one day out ot you
Of His own, inquiring after thee;
And after Hime shall lead ye!
The Beneficient One, for all his boons.
CANTO VIII
1
Who would be having His loving pain
They had the health, as it were;
Sweet to lovers is so ever
Any suffering coming on His path.
2
That which is not done, remais undisclos’d
That done, is not perceived by all;
What is but pure as gold,
The Truth is not pleasant to the people.
3
Whatever HE ordained to you O soul
Perform it, even by giving life;
Say not HE servered by the strife,
Rather HE connected you, by such severance.
4
Go about humble in the world
The anger is great, great sorrow;
From forbearance but flow,
All the comforts, know dear sir!
5
Win meed who, bear and forbear
And lose it ever the haughty ones;
And taste not find-faulty ones
Savour of the silence, that there be.
6
Cavil if he, cavil not back,
Retort not same in the rage;
Anone hurting you hurts himself
So think always in your outrage
Never went taking as his wage,
Anyone for ill-will, ever in his lap.
7
And with those, sitting in wose company
Thy pain if more grow;
Leave them, their company low
Though had you, the gain of thousands.
8
Butwith those, sitting in whose company
Doth this pain decline;
With them, your heart intertwine,
And build thy hut, even nearer them.