Emagzine on Facebook

Shah Jo Risalo – Sur Surirag

Bookmark and Share

Sindhi Version – Sur Surirag

سر سريراڳ

داستان پهريون
1
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چَرُ؛
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالي نه ٿئين.
2
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رکِج چيتُ؛
سِڙهُ ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ ساڻ سُپيتُ؛
سامُونڊِي! سُچيتُ، ٿِيُ ته پَهچِين پارَ کي.
3
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چورُ؛
ڪَڍِي ڇَڏِ قَلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ؛
هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مٿان تو معافُ ٿئي.
4
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چيتاريج چِتُ؛
دائِما دُوربِيءَ ۾، پَسِين وِلاتُن وِتُ؛
نيہُ نيکاري نِتُ، مَلاحَ! گَڏ مُعۡلِمَ سين.
5
ڪايو ڪَمايومِ، موتِي مون نه وَڻجِيا!
سِيهي جو سَيَّدُ چئي، وَکَـرُ وِهايومِ؛
هَهڙو حالُ سندومِ، توهَ تُنهنجي اُبَهان!
6
ڪَچُ ڪَمايومِ ڪوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اَللهَ جا!
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائين چُورُ!
مَعلومُ اَٿيئِي مُورُ، ڳُوڙها! اِنهيءَ ڳالھ جو.
7
ڪُوڙُ ڪَمايُءِ ڪَچُ، اُٿي اورِ اَللهَ سين؛
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، صاحِبَ وڻي سَچُ؛
مُحبتَ سندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارجِ مَچُ؛
اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، ته سَودو ٿِـئيئِي سَفَرو.
8
لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛
الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛
جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛
لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي!
9
سِڙهَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سندن مِيرَ؛
ساٿِي سَفَرِ هَليا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ؛
جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکِين ٻاجَھ سين.
10
منجھان پيئي مَڪُڙِيءَ، ڪا جا پاڻِيءَ بُوند؛
سيئِي ڏِٺم رُوند، وَکَـرُ جِن وِڃائِيو.

وائي
سَهسين شُڪرانا، ڪوڙِيـين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
حَمد چئج حڪيم کي، جورِ هڻِي جانا؛
تو ڏيکاري تو ڌڻِي، باطِنَ جا بانا؛
مَتان، مردَ! وسارئين، صاحبَ جو ثَنا؛
دوستُ رکِي دل ۾، پَڙهَ لالَنُ لِسانا؛
جَفا ڏيئِي جِيَ کي، ٿِيُ فِڪرَ منجھ فَنا؛
تُسِي تو سين توهُ ڪري، مَنَ آگو اَحِسانا؛
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانَهپَ سين، ٻانا!
صاحبَ وڻي سَچَ سين، ٿِيُ دانہُ، دِيوانا!
جي تَسلِيمَ سين تَحقِيقُ هئا، سي ڪِئن اَمانا؟
جاڳيا جي جَبارَ لَءِ، سيئِي سَمانا؛
فَاذۡکُـرُونِيۡ، اَذۡکُـرۡکُمۡ، ڪَهِيو قُرآنا؛
وَاشۡکُـرُوۡالِيۡ وَلَا تَکۡفُرُوۡنِ، ڪَڍُ تون ڪُفرانا؛
سَڀِ سَنوريا سُپِرينءَ، ڪُوَلَ تو ڪَنا؛
چَڱِي چئج چاهَ سين، مَدحَ اِيَ مَنا؛
تائِبَ ٿيو تَڪڙا، جوشا، جُوانا!
نه لَهِين تُون لَطِيفُ کان، اَمَنُ اِيمانا.

داستان ٻيو
1
جيڪِي منجِھ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي؛
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چَئي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَ؛
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نه، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو!
2
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛
اُنِ جِيَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛
ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَہِ اَچيو اُنِ جي.
3
سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
4
سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ؛
ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو.
5
سيوِيو جن سُبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تن سين؛
توبَہَ جي تاثِيرَ سين، تَرِي ويا طوفانُ؛
ڏيئِي تَوَڪَّلَ تَڪِيو، آرُ لَنگِھيا آسانُ؛
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُن واهَرُو.
6
سارِي رات سُجانَ، سَودو ڪَن صاحبَ سين؛
ٻانهپَ ڀَري ٻيـڙِيُون، هليا جوپَ جُوانَ؛
پاڻِي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِھ لَنگِھي ويا.
7
اِيَ گَتِ غَوّاصَنِ، جِئن سَمنڊُ سوجِھيائُون؛
پيهِي مَنجِھ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون؛
آڻي ڏنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين.
8
آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏيا غَوّاصَنِ؛
جَهرِيُون جھاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ؛
سمنڊُ سوجھي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا.
9
ويا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي؛
تِن سِپُون سوجھي ڪَڍيُون، پاتاران پيهِي؛
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.
10
آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنهنجِي موجَ نه سهي مَڪُڙِي؛
ميڙي مَٺاينِ جو، بيحَدِ چاڙهيمَ بارُ؛
چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ؛
ڪَپرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.
11
ويرَ مَ لاهي ويہُ، مٿي آرَ اوڙاهَ جي؛
پَسِي پاڙي واريُون، ڪج اَنديشو ايہُ؛
ويندو نه پَسِين ڏيہُ، پَتَڻِ هُن پارِ مَڻي؟
12
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽِي صاحِبُ؛
ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو عَجَبُ؛
اِيُ سائينءَ جو سَبَبُ، جِئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.
13
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪري اَللهُ؛
پاڻَهِين وجھي ڪُنَ ۾، پاڻَهِين اُڪاري اوڙاهُ؛
تنهن واحدَ کي واهُ، جو سُتَڙِ سڀيئي ڪري.

وائي
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمَنُ! اَمانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجَھ ٻِلاٽِي ڀانئِيان.
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناه ڪو، اَپَرِ ٿيا عِصيانَ؛
خَبرَ ناه قَبرَ جِي، نِسورا نِسيانَ؛
والِي! رَسج وَهِلو، اَرَکِ ٿيا اَنسانَ؛
سُڻُ سَٻاجھا سُپرِين، نَعرو نِگهبانَ!
مَدِيُون پَسِي منهنجون، شَرِمايا شَيطانَ!
هِنَ منهنجي حالَ تي، هَيء هَيء ڪَن حَيوانَ!
سائِين! سُکاڻِي آهِئَين، سامُونڊِي، سُبحانَ!
تُرَهو ڇِنُم تارِ ۾، رَسِج تون رَحمانَ!
ٻيلِي جو ٻُڏنِ جو، مون تي موٽي مانَ؛
ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَر ڀيرو مٿي ڀانَ؛
خالِقَ تان خوبُ ڪيا، گولَنِ جا گُذِرانَ؛
آئُون پڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ؛
سَڀِ سُوالِي سَمِگيا، داتا ڏيئِي دانَ؛
وِلها سڀِ وَنهِيا ڪيا، تنهنجي جُودَ، جُوانَ؛
مَتان مُونکي ڇَڏِئين، ٻيـلِي سندا ٻانَ!
وِيرَ! وَسِيلو آهِئين، داڙوُ ۾ دِيوانَ؛
لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينهَن کي، خِيمو اَڏِيو خانَ؛
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ!

داستان ٽيون
1
کُوها ڪالھ کـڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري؛
اَلا جُھري مَ اُنِ جي، اولي جي اَڻِي؛
وَڻجارَنِ وَڻِي، وَکَـرُ وِڌو ٻيڙِيين.
2
وَکَـرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿِـئي؛
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِـئي نه ضاءِ؛
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَہِ جَنهنجي اُبَهِين.
3
اورِيائين آڻِينِ، ميڙيو مُعۡلِمَ خَبرُون؛
سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌَ ڪري.
4
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکُـرَ پاءِ مَ وِتَرو؛
تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻِي؛
هِيءِ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙھُ ڪالهوڻي ڏِينهَن کي.
5
تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي؛
کُوهو جُھرُ جهنو ٿيو، لاڄُو سَڀ لَڙياسِ؛
جيلان سَڌَرُ سکاڻياسِ، وَهي تي وَهَ سامهون.
6
ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مَکِ ڏيهاڻِي مَڪُڙِي؛
سَنباهي، سَيَّدُ چئي، مٿي نينڊوُءِ نِينسِ؛
وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ؛
آخرِ اُهِرائِينسِ، ته جوکو ٿِئي نه جهازَ کي.
7
اَچِي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين؛
سُتي لوڪ لَطِيفُ چئي، يادِ نه ذرو ڪيوءِ؛
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهَ تي آندوءِ؛
سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکِين! جو پِيو پُراڻو پوءِ؛
جهازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرِتوءِ!
سَيَّدُ! ساٿُ سندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَهچائِين!
8
جُتو وانءُ جَهازَ! گَڏيو غُرابَنِ سين؛
پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَـڻـجِ سازَ؛
اَچنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.
9
دَنگِي وِچ درياهَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي؛
هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهَڻَ سڀ سَڙيا؛
مُعۡلِمَ ماڳِ نه اَڳِئين، فِرَنگِي مَنجھ ڦِرِيا؛
مَلاحَ! تُنهنجِي مَڪُڙِيءَ، اچِي چورَ چڙهيا؛
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تُنهنجِي!
10
ٻيڙِياتا! ٻيئِي، تو نه ڦَٻَنديُون ڳالَهڙِيُون؛
سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين، ڀَـرُ سُکاڻَ ڏيئِي؛
صُباحَ سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبرُون.
11
وَهَ تِکَ وَهَڪَرا، جِت لَنگَر نه ٺَهِرَنِ؛
وڏاندَريُون وَهَ سامُهِيُون، جَھجھي زورِ جُنبَنِ؛
نيڍوُءَ ۾ ناتارِيُون، وَڻِجارا وِجَھنِ؛
مُلان مُعۡلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالهڙِي.
12
وَڻِجارا! ويٺي، تو نه سَرَندِي شاهَ ري؛
مَکِ پَنهنجِي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَر چيٺي؛
پاسا پاکَڙِينِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي؛
جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وڙهندِي تِن سين.
13
ناکُـئو نِگَــهَبانُ، مُعۡلِمَ مُنجي خَبرُون؛
جِن ساري کَنيو سَمنڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ؛
لُطفَ ساڻ لَطِيفُ چَئي، تِن لَنگھيو طُوفانُ؛
سَنڀاري سُبۡحانُ، وڃِي عادَنِئُون اُکَتَا.
14
بَندَرِ جان ڀَــئِي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو؛
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجھ مَهِي؛
ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُـئا!
15
سُتا سَڀِ پَـئِي، سَندي مُعۡلِمَ آسري؛
اَئِين پڻ سُمهو، ناکُـئا! بَندَرِ ناه ڀَــئِي؛
جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئِي، سي سڀ لَنگھيندا لَڪيُون.

وائي
ساٿِينِ نَنڌا بارَ، وو! تن پانڌِينِ نَنڌا بارَ؛
توکي آرِسُ اَکَڙِيُنِ ۾!
پاتا پاڙيوارِيـين، پَڳہَ منجِھ پاتارَ؛
پَتڻُ ٿو پُورَ ڪري، آئِي تُنهنجڙِي وارَ؛
سَڄِيُون راتيُون سُمهِين، کِيو منجھ خُمارَ؛
ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، هَلڻَ جِي هاڪارَ؟
تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، سَچِي اِيَ سَنڀارَ؛
نِنڊَ نه ڪجي ايترِي، سُڻجِ اَدا يارَ!
سائينءَ مُڪين سَچَ کي، تون ڪُوڙو منجھ قَطارَ؛
ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ؟
گِھڙان ٿِي رِءَ گَھڙي، اِلاهِي تُهارَ!
هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ سَتارَ!
ڪُلُّ نَفۡسٌ ذَائِقَةُ الۡـمَوۡتِ، پَڙهو اِيَ پَچارَ؛
شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجِھ شِڪارَ!
يَوۡمَ يَفِرُّ الۡـمَرۡءُ مِنۡ اَخِيۡہِ، جِت ڀَڄَندا ڀارَ؛
تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچجِ تُون اوسارَ!
لَکَ مِڙيئِي لُٽِيا، هُنئَهِين ويا هَزارَ؛
ڏِنـئه جي اَللهَ کي، هُوندَ ٿِئين پَرِيـين پارَ؛
جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِـي تُنهنجي دارَ؛
جِيفو آهِ حَديثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ؛
وَٽِيءَ ڪين وِلَهنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ؛
سا ڪِئَن هَلي تو سين، جا ڀَڳِي کان ڀَتارَ؟
جِيَڻُ جالَ نه نِبَهي، سُڻـجِ اِيَ سَنڀارَ؛
جِمَ وِسارِئين ويسِرا! ڀِتِيُن جِي ڀُلڪارَ.

داستان چوٿون
1
سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَمَ؛
ٿِيُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ؛
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصَل ڪري حاجَ تو.
2
چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون مَٺَنِ؛
جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
3
مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.
4
وِتُ وِيمي جو جي لَهِين، ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِئين ڪا؛
سا پَرُوڙِج ڳالھڙِي، وَڻجارَنِ وٽان؛
موتِي مِن هَٿان، آندَءِ گھڻي اَدَبَ سين.
5
اَمُلَ آڇِ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِينِ مَٽِ؛
جِتِ گَڏِجيئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ؛
جنِين سونَ سين سَٽِ، تِن هَڻِي رِيُّ رَدِ ڪيو.
6
سونا! وانءُ صَرافَ سِيئَن، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ؛
سودو سوئِي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي.
7
جُه صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پڻ لَڏِجِ، سونَ!
قَدُرُ لَـهَندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين.
8
اَگِھيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!
پَلَيءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران!
9
ويا سي وِينجھارَ! هِيرو لال وِنڌِينِ جي؛
تِـنِين سَندا پويان، سِيهي لَـهَنِ نه سارَ؛
ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين.
10
وڃن مَ وِينجھارَ! پاڻِـيَٺَ جي پَرَکَڻا؛
ڪَنۡيَرُ پايو اَکـِئين، لَـهَنِ سَڀَڪَنهِن سارَ؛
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجِھ ڪِنارَ؛
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!
11
ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيـتِيءَ ۾ پُرزا ٿيو!
سَڄو تان، سَيَّدُ چئي، لَهي لَکُ سَوا؛
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمان پَري ٿيو.
12
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو؛
سَنئون تِن سُڀاڳُ، اَمُلُ جن اوباهِيو.
13
چورُ اُڀو اِئن چوءِ، ته آئُون اُهوئِي آهيان؛
جي اَسِي اَکِيُنِ هوءِ، نه لِڪي کي ڪونه لَهي.

وائي
جاڳو، يارا! جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي؛
جاڳو جوشان، جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي.
هَلَندي حَبِيبَن ڏي، ويلو وِچِ نه ڪجي؛
مَٿان اُهِسَ اُسِرِي، پَتنگَ جِئَن پَئِجي؛
عَرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي؛
ڪري نِيازُ نِڪَڻو، واحِدَ ڏي وَرجي؛
آهي مَوتُ مِڙَن تي، گوڙِيُون ڪيو گَجي؛
اَجَلُ ايندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سڄي؛
اَڳيان اُونداهيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي؛
کَڻُ تون قُوتُ قَـبَرَ جو، گھڻو ٿو گُھرجي؛
آگو عيبَ اوهانجا، ڍَڪيا ڳُجَھ ٻُجھي؛
جيڪِي وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمجھي؛
ڊِڄِي ڊاءِ ڌَڻِيءَ جي، جيڪو ڀَيءِ ڀَڄي؛
اَمَنُ آهي اُن کي، جو مَنجھ اَلله اَجھي.

داستان پنجون
1
لَهرِيُن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا؛
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا؛
اُٿِي اَسارا! وِيرِ وِڙَهنديءِ ويسِرا!
2
ڪالھ وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ؛
تُنهنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾.
3
مُلاحِظو مَهراڻَ جو، مُورِ مَ لاهِ مَناءُ؛
سامُونڊِي! سَنڀالِ ڪِي! سُمَهڻَ آيُءِ ساءُ؛
جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.
4
تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجھان مَوجَ، مَلاحَ!
دانهُون ڪَنِ درياهَ جون، اُونهي جا آگاهَ؛
سُونهَنِ جي صَلاحَ، وَٺُ ته وِيرِ لَنگھي وَڃِين.
5
سُونهان سَڌِيون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون؛
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛
عِجِزَ جي اَڌَ راتِ کي، وَکـَرُ وِهائِين؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهِيءَ سِيرَ مان.
6
قَرڦُلَ ڦوٽا، پارچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون؛
ڪوٺـيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون؛
لاڄُنِ مَنجھ، لَطِيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون؛
نَذرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَهندي چَيائُون؛
جي ڇُوهي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَھ سين!
7
وِچينءَ جان ويهِي، جَرَ پَلؤ پائِيان؛
“تَڙِ ٻيڙا! گَھرِ سُپِرِين!” اُوسَہِ اِيَ پيئِي؛
جِئن وَڻِجارو سين وَکَرين، سَرَها سَڀيئِي؛
حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِيا نه سيئِي؛
پاڻَهِين اُوُءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائُو آئِيا.

داستان ڇهون
1
تانگھي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهنجو تُـرَهو؛
اُونهي ۾ آڻي، ڪو نَه ڏيندُءِ ڪو ٻيو!
2
ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِهِين ويسِرو!
هَڪِيو هوئجِ هوشيارُ، کِنوڻِ کِنوندَيءِ اوچتي.
3
کِنوڻِ کِنوايو، آيَءِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
جِنِين نه ڀَؤ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تِن کي.
4
سامُونڊِي! ٿو سَنبَهِين، ساڄو جَھلِ سُکاڻُ؛
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجھائي مَهراڻُ؛
جِنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تِنِ کي.
5
نَڪو سُک نَکَـٽين، نه ويساندِ نَـئين؛
جيڪا اَچيئِي سامُهِين، ڀانئَيِن سا سَنئين!
مُوڙِي ڪوه مَئين؟ جِئن سَڄيُون راتِيُون سمهين!
6
اَهُکِي راهَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِيءَ ڀَتِ؛
هُوءِ جي ڏيهائِي ڏيہَ جا، تن پڻ مُوڙهي مَتِ؛
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِھڙِجِ گھاٽي نِينهَن سين.
7
تَنَ ۾ تَرازَ توهَ جِي، گَھڻو لَہُ گھوري؛
اَدَبَ ۽ اِخِلاص جا، سِڙهَ ٻَڌجِ سوري؛
وَکـَرَ وينَتِيُن جو، تنهن ۾ پائج توري؛
ته عادَنِئُون اوري، تُنهنجو تَوائِي نه ٿِـئي.
8
سمنڊُ جي سيوِين، تِنِين ماڻڪَ ميڙيا؛
ڇِلرَ جي چوئِين، تِن سانکوٽا ۽ سُتيون.

English Translation In Verse By: Fakir Abdul Gafoor

SUR SIRIRAG

CANTO I

1
Lest HE ask you the Lord
Forsake not His litany from heart;
And what he MAY SEND YOU THE WORD,
FULFIL IT, THAT YOU NOT BE EMPTY.
2
Lest HE ask you the Love
Never forsake Him recollecting;
Like a beggar be ever spreading
Your cloth, before All Bounteous Oe.
3
Lest HE ask you the Love,
Leave not intoning His name within;
By it, root out error at its core
And undo all your original sin;
That here thou be forgiven,
Fear of there, of that side.
4
Where there are, spins, spates, washes, waves
And waters no any bound;
There O Lord! This little boat
Let not run into reefy ground;
Any damage be done to vessel
Or split its boards all unsound;
O that nothing it hardly pound,
This lowly craft of poor spirits.
5
Sails out-stretched, tackles newly made
And their oars in ivory laid;
Go now my warrior mates
Equipped with stoci-in-trader;
Ah, their efforts be amply paid,
Of these, Thy all the Love-traders.
6
In through my skiff, water came
Seeping little by little;
Ah, what stuff I did in fill,
It all rusted and turned dark.
7
In through their skiff, came but creeping
Though verly little water;
Yet saw I them weeping
Who had so lost all their goods.
CANTO II

1

What-ever’s in this world
Lives, moves, and has its being in You;
Of Thy loving grace, O Lord!
There’s not any want with you;
By justice I can’t be saved, I sue
O deal unto me Your special favour.
2
Those who’ad remember the Lord
Waking through all the nights;
Their’s the mould says Abdul Latif
Had attained to sublime heights;
Came there thronging many wights
And paid homage at their homeyards.
3
Go and serve the Great Sea
Where flow waters ever abundantly;
Course through where in currents
Many pearls and rubies countlessly;
Were you but to get grain of the Bounty,
O worshipper! You’ll be ever fulfilled.
4
Those who explored the high seas
They were ever fulfilled;
Brought they from the deep currents
Many a great sparkling rubies
Mare were to Main, says Latif,
And wedded were to waves, all these;
There’s no value of these worthies,
They were all beyond any value.
5
Those who explored the Great Sea
Them the wavesdid not assail;
By power of heart’s penance
They went through any storm Or hail;
Resting on raft of His faith
All roughs did smoothly sail;
And also in the mid-trail
Met them HE, THE Lord of the Sea.
6
This was mark of the explorer
Who went in to the high seas;
That they dived into great depths
And brought forth resplendent rubies;
And handed us all these
For our adornments, on the strands.
7
Rise before me a miry wave,
My skiff won’t stand the wave;
The sins of past that there be
Loaded in it, all I have;
What of naming this or that
They’re so many, O come and save;
Out through this darkly cave
Lead me by Your loving grace.
8
Sit not there so late on sea
Waiting for a favouring tide;
Perceive you not neightbours go,
How they do but sudden ride;
Going daily to the other side,
O see you not the ferrying boat!
9
Sitting on waters a great while
My poor soul will pensive grow;
Whether or not it would know
My skiff were able to negotisate Sea.
10
The man doth see in his own way
God but does in an other;
HE it is, who drowns the boat
HE It, is who leads the way;
Even the boats that go astray
Brings HE back them safe to shore.
CANTO III

1
The stuff was in stocks and stores
The traders are but indifferent;
Some would trade it for the best
Efore their time was out and went;
But to many it was sudden spent,
While walking for the fun in fair.
2
Trade youin such goods only
That stroed they be not old;
Not a grain of thse go waste
In the foreign parts when are sold;
Send you there such a hold
Before which you could stand.
3
Gahtering about from shores
They bring us only the news;
Where Sea rends the sinews
They do not this make us know.
4
O thy boat is become now old
So store not in it muc stuff;
It’s keel is eaten by the rots
Whirls round it the raging surf;
Meditate ye morrow’s gulf,
Today, the day is somewhat done.
5
Keep on mending out its leaks
And every day oil your canoe;
One day you ‘ld launch to Great Sea
Never of mind, let this go;
May be today or tomorrow
Descend you down, from deep waters.
6
Thy boat in the sea of life
Or many float or may sink away;
The joints that the maker made
In the waters may loosen and decay
Knowers not being in their old place
Strengers in it, worm their way;
O boatman! In your boat the thieves
Slyly doth enter, and there stay;
Where the great ones give way,
There O Lord! I leave my craft unto your care.
7
Get you the stuff of good quality
And store in your skiff, O boatsman!
The tide will take you unawares
So live not lapt up in futility ;
Such sleep in abyss may bury
Who knows when, but O Master!
8
Danger is whilst on the port
Sleep not till thee sailing men;
The eddies are eroding banks
Roar in churn, doth milk when;
Putting up with such great pain,
How could you sleep so masters!
CANTO IV
1
Hnadover your all affairs to Him
Who is doer, the All-Praised One;
Be true in your such submission
Give up fear and all suspicion;
That HE by His compassion,
Bring fruit to all your endeavours.
2
To the good ones, for their goodness
Doeth every one but good;
O’tis none like you, doth bless
The bad ones for their badness, too.
3
Go away ye gold! To gold smiths
Put down not here beautiful burden
Who wasted away pearls even
With them obtains ever, the darkness of soul.
4
If gold smiths go, you too go after them,
And this country leave;
Here will not your worth perceive
And dump you with dross, in the dust bin.
5
Here trash is accepted
The real gems are but returned;
Taking in my lap truth turned,
See how I feel ashamed, offering it.
6
Ah, those lapidaries are gone
Who know not working even lead
Who’ve arrived after thse;
Now in these abodes and alleys
Black-smiths only beat their iron.
7
Where dropping to sleep
Thou broke the real gem, O silly one!
Why wont you go there now weep
Taking both halves in your hands.
8
That dropping to sleep
Thou broke the real gem, O silly one!
Go now, to lapidaries be gone
Taking both halves, in your hands.
9
Where’s niche of Precious Gem,
There the thieves prowl and pry;
Their’s is salvation in sky
Who save it here on the earth.
10
Look standing there the arch thief
Announces, says “ I am that he”;
O had we but eyes to see,
None could find te Ever-Hidden One.
CANTO V
1
Didn’t I tell you my Love!
That engage not this worthless gig;
It has old sails for rig,
Where waves shall strike it violently.
2
Where there is no telling of waves
And gape on shores ghastly caves;
And come flying lashes of water
The deep while rages and raves;
There wake up ye, o slumbering slaves!
O the eager will attack you unawares.
3
The eagree will attack you unawares
Ray for His mercy, O moan and groan;
Waters for reasons O unknown,
O drowned you not yesterday in the deep!
4
Drowned HE yesterday, in the deeps
Many great and mighty titans;
May betoday in His Eye creeps
A caveat for your skiff, O boatsman!
5
Sail away your little life-skiff
Out of this surge, O safely;
Those who’e knoers of deep
They all cry nto you only loudly;
Take advice, of the guides holy,
That cross you safe to the other side.
6
Went they through mid-stream safe
And were not shaken by the sea
And got to toer shore of gulf
By the flow of streaming tears only;
And reached Him there but longingly,
Wading through waters by His grace.
CANTO VI
1
Wile waters are low, bind tight to body
His floating aid, ye;
When you’re deep in the sea
None shall it bring to you there.
2
Those who’re His swimmers
They swim some how, big or small channels;
‘Tis manner of unswimmers
they roll upon their heads, turbaned trammels.
3
Seek the Lord God of all hosts,
Be not ever forgetful of this;
Keep vigils for heavenly bliss
Lightining may strike you any moment.
4
Wherefore sleepest thou, to what conceit?
Lightin g may strike you any moment;
The waves have many a one sent
Great and mighty like you, down the lee.
5
The way to kingdom of God is difficult,
Difficulty in difficulty woven
Who are priests of this country
They too, many a time are gravely mistaken;
Against the common currents plunge in,
And that too, with dense of Love.
6
“Though gone off the track and astray
yet fix I may hope always in your grace”
That He ‘ld, there him embrace,
And send greetings to all his friends.
7
Those who explore the Great Sea
They gather the pearls and rubies;
Skim who but on dinghies,
They only collect shells and scallops.

Leave a Reply

Entertainment Magazine

Enter your email address: