Emagzine on Facebook

Shah Jo Risalo – Sur Kalyan

Bookmark and Share

Sindhi Version – Sur Kalyan

يمن ڪلياڻ

داستان پهريون
1
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
2
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.
3
اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛
هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛
بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين.
4
آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُورُ؛
لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛
مولي ڪيو مَعمُور، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
5
وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛
هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛
سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛
ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي.
6
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛
ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان.
7
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛
کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛
پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو.
8
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
9
سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛
هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛
وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.
10
عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛
خالق چَؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛
سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.
11
وحدتان ڪَثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛
هُو هُلاچو هُل، با الله سندو سڄڻين.
12
پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
13
پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛
پاڻهِين خلقي خوب، پاڻهِين طالب تن جو.
14
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
15
ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون.
16
ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِرَيمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.

وائي
سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
نيهن نيڻيڻ، ڳُڻُ ڳالهه وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛
لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.

داستان ٻيو
1
اگھي اَگھائي، رَنجُ پِريان کي رسيو؛
چَکيَمِ چڱائِي، سورانگھي سُورِيءَ تان.
2
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاهِدو.
3
سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.
4
سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سَنَرا؟
جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُوريائِي سيڄَ ٿي.
5
سُوريءَ تي سَؤ وارَ، ڏِهاڙيو چَنگ چڙهين؛
جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پَچَار؛
پِرت نه پسِين پارَ، نيهن جِئان ئي نِڱيو.
6
پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.
7
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وڍيندڙَ هٿ ۾؛
پَسيو پَرِ عجيب جي، لِچيو وڃي لوهُ؛
عاشقن اندوه، سدا معشوقن جو.
8
ڪاتِي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ؛
مانَ وِر مَن توءِ، مُون پِريان جا هٿڙا.
9
اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباها؛
ڪات نه پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين گَھٽِ؛
مٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسين پَٽِ؟
ڪلالڪي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَهي.
10
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي؛
لاهي رک، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي؛
تڪ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، منجھان گھوٽ! گھاٽي؛
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِر وَٽ سَرو سهانگو.
11
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ؛
مَهيسَر جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ؛
جان رمز پروڙيم روءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي.
12
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪي ملھ مهانگو مَنڌُ؛
سَنباهج، سيّد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ؛
هِيُ تنِين جو هنڌُ، مَن پاسِ مَرَنِ جي.
13
عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.
14
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوهُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوهُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.
15
سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُہُ پَچارُون ڪنِّ؟
حُه ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃنِّ؛
پِڪُون سي پِينِّ، سِرَ جن جا سَٽِ ۾.
16
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوھَ جنين جا ديڳِ ۾؛
سي مَرُ ڪن پَچارَ، حاضر جن جي هَٿ ۾.
17
اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪمُ؛
سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ؛
هِيُ هڏو ۽ چمُ پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي.
18
جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، ته سڀڪنهن سَڌَ ٿئي؛
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِئن اچنِ؛
لڌا تي لَڀَنِ، مُلھِ مَهانگا سُپرينِ.
19
مُلھ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادت؛
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.

وائي
مَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سهي سُڃاتو؛
پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪِي سمجھيو سُون؛
پِريان سندي پارَ جِي، اَندرِ آڳ اَٿُون؛
جِئڻُ ناهي جَڳَ ۾، ڏينهن مِڙيئي ڏُون؛
اَلا، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، آهين تُون ئي تُون.

داستان ٽيون
1
اُٿياري اٿي وِيا، مَنجھان مُون آزارَ؛
حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار؛
طَبيبن تَنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.
2
اَورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، هادِي جنهن حَبِيبُ؛
تِرُ تَفاوتُ نه ڪري، تنهنکي ڪو طَبِيبُ؛
رَهَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين.
3
ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ؛
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَهارُ؛
خَنجرُ تنهن خُوب هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ؛
صاحِبُ رَبُّ ستَّارُ، سوجھي رَڳُون ساهَ جون.
4
رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.
5
سو ئِي راهَ رَدِّ ڪري، سو ئي رَهَنُماءُ؛
وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَاءُ، وَ تَذِلُّ مَنۡ تَشَاءُ.
6
سِڪِين ڪُہ سَلامَ کي، ڪَرين ڪہ نه سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جنِين ديکيو.
7
مِٺايان مِٺو گھڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ؛
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
8
پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي؛
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
9
تو جنِين جي تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي؛
’فَاذۡڪُرُونِي اَذڪُرۡ ڪُمۡ‘، اِيَ پَرُوڙِج بات؛
هَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.
10
پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائون جنهن وارَ؛
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏهانڪُون نه لهي.
11
پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حَبِيبَ جو؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ؛
عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِّ؛
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاهِدو.
12
ڪوٺي ڪُهي سُپرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ؛
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهُون.
13
ڪوٺڻُ قَريبَـنَ جو، عيـنُ تَڙڻُ آهِ؛
اِيَ اُلٽي ڳالَھڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ؛
آسَرَ هَڏِمَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
14
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَـهَنِ، ڪَرَ لَـهَنِ تان ڪُهَنِّ؛
سيئِي ماءِ! مُهَنِّ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.
15
ڪُهي سو ڪَرَ لَـهَي، ڪوٺي سو قَريبُ؛
اِها عادتَ سِکيو، هَر زَمان حبيبُ؛
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.
وائي
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛
ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛
پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھون تَنَ طبيبَ؛
اَديُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، هاتِڪُ آهِ حبيبُ.

English Translation In Verse By: Fakir Abdul Gafoor

CANTO I

1
IN THE BEGINNING IS GOD, the true Knower;
Supreme Lord of whole creation;
Who of His own has ever been
Self-existent, All-time-aeonion;
The One and only One, our Master
Preserver, Provider, All-compassion;
So praise Hi, the real Lord and Master,
Of the All-wise sing adoration;
HE in His benefaction,
Brigns forth all the phenomena of Universe;
2

From One-ness came All-ness
The “TRUTH” is the Onl True One
So do not in a babel fall;
Every where is only his call,
Of the GOD, by God only.
3
HE’s Himself God of all glory
Himself is beuty’s soul;
Himself is image of a beloved
Himself the elgance’ Goal;
Himself becomes follower or guide
Himself the thought and role;
And all this knowledge whole,
Is known but in the inner self.
4
Percieves HE himself the Himself
Himself is His own love-object;
Himself Him the best created
Himself then longs after Him.
5
THIS IS HE THAT IS HE:
The One who sustains life
The One who deals death blow;
The One who’s dear friend
The One who’s a fatal foe ;
The One who is brathing spirit,
The One its out-flow.
6
The echo and call are the same,
If only their knot you knew;
In fact they were always one,
But in the act are split in two.
7
In the mansion of my Lord,
There are many doors and windows;
Where-ever my eye goes,
There-ever I find Him, standing before me.
8
Many and many are Thy reflections,
Millions upon millions upon millions;
Reality involved in each reality
Appearances all but in variation;
Love, Thy untold emanations,
How can I describe or differentiate.
CANTO II
1
My suffering past muster;
And reached unto Him, rejoicing my woes;
Passing through numinous gallows
Attained I at last that Heavely Bliss;
2
O thou blind and block-head apothecary!
Why this scalding of my gullet?
We are sick in our inmost being
But you in our mouth, thy bitters let;
For whom bridal bed is gibbet
O for them to die, is to enjoy His vision.
3
The gallows are calling us friends,
Will any one go with me there?
Only they must take to, out where
Dare who take name of the Love
4
First his knife plunge thee, in yourself
Ask then the reason of it why?
Like unto a har, on your heart
Your pan of the Love in you ply;
Roast on his fire flesh thy,
Were you take name of the Love.
5
If you are cut, then come and sit
But if not, then go thy way;
This’s their sphere who display,
The knife of love in their hands.
6
Crave you for a sip of the wine?
Then go to the vitner’s shop;
Where sits vat, syst Latif
Their run, down your head drop;
In a lunge it lop, out lop
That drink you sips, some divine.
7
His lovers do drink hemlocks
More they drink, more hanker for
Used to all bitter poisons,
They take all the Love-hocks;
Lured by his Transcendent Beauty
They’re lost in His Lovelocks;
And never sigh to vulgar folks,
Though their wounds be all festering.
8
Dear is drop of this wine divine
Mere its thirst great martyrdom;
Ours are only prayers unto him,
That grant HE a glance of His grace.

CANTO III
1
Waking me from my own sufferings
Went away HE waking his own Pain;
O It was HE, the Dear Dreaded One
Who left behind His wailing train;
Yet now I wholly disdain,
Calls of curers, given behind me.
2
Heart-spring like harp-strings
Now ring for him, every moment;;
They thrill and throb not
And but for hi be dead silent;
Now HE’s my only Dear Love
Who has so me inly rent;
HE is my soul’s enjoyment,
HE the sole agony of hear.
3
Whom thou rememberest
Thou too, HE doth remember;
“Recollect ME, I shall recollect you”
in thy heart this know ever;
“ This is way of this Dear Dealer
first strike, then put sugar-lump in mouth.
4
My Dear Friend, did call me but once
Yet HE called in such a loving grace;
That His voice I Still Trace,

Within me evermore and evermore.

Leave a Reply

Entertainment Magazine

Enter your email address: